احسان علي شاهه 1

احسان علي شاهه ( اول ):سيد احسان علي شاهه سنڌي مرثيه جي باني سيد ثابت علي شاهه جي گهر سيوهڻ شريف ۾ 1775ع ۾ پيدا ٿيو . ابتدائي تعليم سيوهڻ جي مدرسن ۽ ديني تعليم پنهنجي ڏاڏي سيد مدار علي شاهه کان حاصل ڪئي ۽ علم عروض جي سکيا پنهنجي والد سيد ثابت علي شاهه کان ورتائين . مرزا مراد علي بيگ ’سائل ‘ ۽ احسان علي شاهه ٻنهي گڏجي سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي کان شاعريءَ جي سکيا ورتي . شاهه صاحب کي شاعريءَ سان شوق ننڍي هوندي کان ئي هو . 1244هه/1828ع ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان ٽالپر ، سيد احسان علي شاهه ۽ سندس وڏي ڀاءُ سيد امداد علي شاهه کي سيد ثابت علي شاهه جي وصيت مطابق سڄي ڪٽنب سميت سيوهڻ مان گهرائي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ زمين ۽ جايون ڏئي رهايو .
هن علمي گهراڻي تي مغلن جي حڪومت کان وٺي وقت جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي خاص نظر عنايت رهي . اهڙي طرح سيد احسان علي شاهه به سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان ٽالپر جو خاص مقرب هو . سيد ” مرتضائي “ ٺٽوي سنه 1890ع ۾ پنهنجي تصنيف ڪيل منظوم مثنوي ” يوسف زليخا “ ۾ سيد احسان علي شاهه بابت لکي ٿو ته: ” سيد ثابت علي شاهه جو فرزند سيد احسان علي شاهه تمام قابل ۽ لائق ، جو سڀ ڪنهن ڳالهه جي مثال تي قرآن شريف جي آيت ۽ حديث نبوي ، مولانا رومي جي مثنوي جو بيت ، پنهنجي پيءُ ثابت علي شاهه ۽ ڀٽائي صاحب جو بيت چوندو هو . “
سيد احسان علي شاهه جو چيل ” مياڻي جو مرثيو “ عرف جنگ نامو سندس مشهور تصنيف آهي . جيئن ته سيد احسان علي شاهه مياڻي جي جنگ جي وقت حيات هو ، سو سمورو اکين ڏٺو احوال ڏاڍي سهڻي رزميه انداز ۾ پيش ڪيو اٿس . سندس هي مرثيو سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو . سيد احسان علي شاهه 1845 ع ڌاري حيدرآباد جي علائقي ” ميرن جي قبا “ تيوفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي . سيد احسان علي شاهه کي چار فرزند هئا پر چار ئي لا اولاد ٿي انتقال ڪري ويا . پر سندس وڏي ڀاءُ سيد امداد علي شاهه اول جو اولاد هلندو اچي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي قبن وٽ سندن رهائش آهي . احسان علي شاهه جو گهڻو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي پر ويجهڙائي ۾ سندس ڪجهه سنڌيءَ ۾ چيل سلام پراڻن بياضن ۾ مليا آهن . سندس هڪ شاهڪار سلام جو مطلع ۽ مقطع پيش آهي:
سڀ مرتضيٰ جا سهڻا رڻ ڪربلا سڌاريا
زهرا جا ماهه پارا رڻ ڪربلا سڌاريا

احسان علي “ چؤ مرثيا شهدائي ڪربلا جا
مطلـوب سـي خـدا جـا رڻ ڪربلا سڌاريا


هن صفحي کي شيئر ڪريو